پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهر واري کي نيب ترميم جي نتيجي ۾ عدالت مان شروعاتي ريليف ملي ويو.توشه خانه تحفن جي جاچ واري معاملي ۾ عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي اماڻيل نيب نوٽيسز جي خلاف وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ تازو نيب ترميم جي نتيجي ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي شروعاتي ريليف ملي ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته نيب نوٽيس قانون موجب نه آهي ان لاءِ ان جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي. نيب قانون جون سموريون گهرجون پوريون ڪري نئون نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿو.ياد رهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي 16 مارچ ۽ 17 فيبروري جا نيب طرفان اماڻيل نوٽيس چيلينج ڪيا هئا. جنهن تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ۽ جسٽس بابر ستار 7 صفحن جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيب ترميم موجب نيب طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ اهو ٻڌائڻو آهي ته بطور جوابدار طلبي آهي يا ڪنهن ٻئي حيثيت ۾.عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪوبه جوابدار آهي ته ان جا الزام ٻڌائڻا آهن ته جيئن هو پنهنجو دفاع پيش ڪري سگهي. نيب جي ان ترميم مان خبر پئي ٿي ته آرٽيڪل اي 10 فيئر ٽرائيل جي گهرج پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي.