سري نگر: والاريل ڪشمير جي علائقي راجوڙي ۾ ڌماڪا، 5 ڀارتي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.ڀارتي سيڪيورٽي فورسز ۽ حملي آورن ۾ جمعي جي صبح کان جاري ويڙهه دوران حملي آورن ڌماڪيدار مواد جو استعمال ڪندي 5 ڀارتي فوجين کي قتل ڪري ڇڏيو.ڀارتي فوج جو والاريل ڪشمير جي علائقي راجوڙي ۾ آپريشن 3 مئي کان جاري هو، آپريشن دوران ضلعي ۾ انٽرنيٽ سروس به معطل آهي.ڪيترائي ڏينهن اڳ به ڀارتي فوجي ٽرڪ تي حملي دوران ڪيترائي مارجي وڃڻ کان علاوه ڪيترائي زخمي به ٿي پيا هئا.ڀارتي ميڊيا هڪ دفعو ٻيهر راجوڙي حملن جو الزام پاڪستان جي مٿان کان لڳائي رهيو آهي. جڏهن ته ڀارتي عوام اهڙن حملن کي مودي جو هڪ ٻيو ڊرامو قرار ڏئي رهي آهي.