موسميات: کاتي ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران گرمي جي شدت ۾ واڌ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.موسميات کاتي طرفان ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿيندي. ايندڙ 3 ڏينهن دوران شهر جو موسم گرم ۽ وچولو رهندو جڏهن ته ان دوران وڌڪ کان وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب اوڀر ۽ اولهه کان تيز هوائون هلي سگهن ٿيون. جنهن سبب مٿانهين سنڌ ۾ 8 يا 9 مئي تي گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي. ان دوران سنڌ جي مختلف هنڌن تي موسم گرم ۽ خشڪ رهندو جڏهن ته اڄ شام يا رات دادو، قمبر، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، ڄامشورو، ٿرپارڪر ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.