پاڪستان :جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ته حج ڪوٽا مڪمل نه ٿيڻ سبب سعودي عرب کي واپس ڪئي وئي آهي.مذهبي معاملن جي وزارت طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته سرڪاري اسڪيم جي 8 هزار حاجين جي ڪوٽا سعودي عرب کي واپس ڪئي وئي. سرڪاري اسڪيم تحت گهٽ درخواستون ملڻ تي حج ڪوٽا واپس ڪئي وئي.ان حوالي سان ڀروسي جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان حج ڪوٽا واپس نه ڪري ها ته رهائشگاهن ۽ ٻين مدن ۾ اسلام آباد کي 24 ملين ڊالرز وڌيڪ ادا ڪرڻا پون ها.واضح رهي ته مهانگي حج سبب ڪيترن ئي پاڪستانين هلندڙ سال گهٽ درخواستون جمع ڪرايون جنهن کان پوءِ وفاقي ڪابينا حج ڪوٽا واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان جو پراڻو مطالبو رهيو آهي ته حج ڪوٽا گذريل آدمشماري جي حوالي سان هڪ لک 79 هزار 210 مان وڌائي 2 لک 10 يا 20 هزار ڪيو وڃي. پر هلندڙ سال پاڪستان کي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ هڪ لک 79 هزار جو پورو حج ڪوٽا مليو پر اهو به مڪمل طور تي استعمال نه ٿي سگهيو.