سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس جي اختيارن بابت ڪيس ۾ اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف داخل درخواستون رد ڪرڻ ۽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.وفاق طرفان درخواستن خلاف اٺ صفحن جو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانون جي خلاف درخواستون انصاف جي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ جون ڪوششون آهن. درخواستگذارن جي قانون کي چئلينج ڪرڻ جي نيت صاف نه آهي.حڪومت طرفان چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي قانونسازي جي اختيار تي ڪابه پابندي نه آهي. ماسٽر روسٽر جي تصور کي قانوني تحفظ حاصل نه آهي. نئين قانون سان چيف جسٽس جو آئين جي آرٽيڪل 3/184 جو اختيار ريگوليٽ ٿيندو ۽ عدليه جي اختيارن ۾ به گهٽتائي نه ٿيندي.جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قانون ۾ آرٽيڪل 3/184 جي اختيار ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي. آئين جو آرٽيڪل 10/اي به فيئر ٽرائل جو حق ڏئي ٿو. آرٽيڪل 3/184 ۾ نظرثاني جو اختيار وڏو محدود آهي ۽ فيئر ٽرائيل جي لاءِ اپيل جو حق ضروري آهي.وفاقي حڪومت ڪيس ۾ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي استدعا ڪندي ان حوالي سان گڏيل درخواست داخل ڪئي. حڪومت چيو ته عدالت جي سامهون پارليامينٽ جي قانونسازي جي اختيار، عدليه جي آزادي ۽ ادارن جي اختيارن جي ورهاست جا آئيني سوال آهن. سپريم ڪورٽ قانون جي خلاف درخواستون اهم نوعيت جو آئيني معاملو آهي. ماضي ۾ آئيني نوعيت جي اهڙن ڪيسن لاءِ فل ڪورٽ جوڙيا ويا آهن. هن ڪيس ۾ به ساڳئي قسم جا سوال اٿاريا ويا. حڪومت چيو آهي ته فل ڪورٽ استدعا جو مقصد ڪنهن جج کي شامل ڪرڻ نه پر سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز تي وفاق جو اعتبار آهي ان ڪري ڪيس ۾ ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙيو وڃي.