آزاد ڪشمير جي شهري مريم نواز کي تحفي طور 50 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءَ ۽ مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نوازشريف کي آزاد ڪشمير جي شهري 50 هزار ايڪڙ زمين تحفي طور ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.راولاڪوٽ آزاد ڪشمير جي رهواسي زاهد حسين پنهنجي سموري زمين اسٽامپ پيپر ذريعي مريم نوازشريف جي نالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل قانوني دستاويزن موجب شهري چيو آهي ته مان زاهد حسين والد ولايت حسين اهو اعلان ڪريان ٿو ته پنهنجي هوش، حواس ۾ رضاڪارانه طور تي بنا ڪنهن جبر يا دٻاءُ جي پنهنجي سموري زمين پوءِ چاهي اها 50 هزار ڪينال هجي يا 32 هزار ڪينال مريم نواز ولد نوازشريف جي نالي ڪريان ٿو.مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نوازشريف ٽوئيٽر پيغام تي پنهنجي رد عمل ۾ حيرت جو اظهار ڪندي لکيو ته هن ائين ڇو ڪيو؟ حالانڪه اهو قدم دل کي متاثر ڪرڻ وارو آهي. مريم پنهنجي پيغام سان گڏ دل ۽ باءِ فائيو جو ايموجي به شيئر ڪيو.زاهد حسين پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته مريم نواز کي هاڻ اهو اختيار آهي ته هو هن زمين تي اسپتال ٺاهي يا ڪنهن فلاحي ڪم لاءِ استعمال ڪري.آزاد ڪشمير جي شهري چيو آهي ته مريم نواز منهنجي زندگي دوران ٻارن ۽ وارثن جي تقريبن 50 ڪينال ايراضي کي ڇڏي منهنجي زندگي ۾ 50 سيڪڙو ۽ لاڏاڻي کان پوءِ 100 سيڪڙو زمين جي مالڪ آهي ان کان علاوه ان جو تقريبن 8 ڪروڙ روپيه معاوضو به مريم ئي وصول ڪندي.