برطانيا جي بادشاهه چارلس کي تاريخي ڪنگ ايڊورڊ تاج پهرايو ويو

لنڊن: برطانيا جي بادشاهه چارلس کي تاريخي ڪنگ ايڊورڊ تاج پهرايو ويو.برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ۽ سندس زال ملڪه ڪنسورٽ ڪميلا جي تاج پوشي جي تقريب ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي.بادشاهه چارلس جي حلف برداري ۾ آرچ بشپ آف ڪينٽر بري حلف ورتو جنهن کانپوءِ بادشاهه چارلس حلف نامي تي صحيح ڪئي.