لاهور: ۾ گراهڪ هنداڻو خراب نڪرڻ تي دڪاندار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.پوليس موجب واقعو سبزا راز ۾ پيش آيو، جتي هڪ گراهڪ هنداڻو خراب نڪرڻ تي احتجاج ڪيو.پوليس ٻڌايو ته دڪاندار جي سخت لهجي ۾ ڳالهائڻ تي گراهڪ مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ دڪاندار عابد کي سيني ۾ 3 گوليون لڳيون ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو، کيس فوري طور اسپتال نيو ويو.پوليس موجب فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.