لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ تڪڙيون چونڊون ئي سمورن مسئلن جو حل آهن.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان زمان پارڪ لاهور ۾ ڪينيڊا جي اپوزيشن پارٽي جي اڳواڻ پيٽرڪ برائون جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ ڪينيڊا ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر خان، اشفاق احمد، چوڌري ظفر، ميان عدنان ۽ مدثر مچانه شامل هئا. سينيٽر فيصل جاويد به ان موقعي تي موجود هو.
ملاقات دوران پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ معاشي پاليسين جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. عمران خان وفد کي پاڪستان ۾ چونڊن جي حوالي سان حڪومتي رويي کان به آگاهه ڪيو.
عمران خان چيو ته مان ملڪ کي فلاحي رياست بنائڻ چاهيان ٿو جتي سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو قانون هجي. هن چيو ته حڪمران چونڊن کان ڊنل آهن ۽ هو چونڊن جو رستو روڪڻ جي لاءِ آئين کي ٽوڙڻ جو رستو اختيار ڪري رهيا آهن.