سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته عدالتون ايگزيڪٽو آرڊر پاس نٿيون ڪري سگهن. بنيادي انساني حقن تي فيصلي جو اختيار سپريم ڪورٽ کي حاصل آهي.پاڪستان جي هر شهري کي بنيادي حق حاصل آهن، بنيادي انساني حقن تي فيصلو ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو حق آهي.
لاهور جي نجي هوٽل ۾ دستور پاڪستان ۾ اقليتن کي حاصل حقن جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته جسٽس اي آر ڪارنيليئس بهترين خدمتون انجام ڏنيون. جسٽس اي آر ڪارنيليئس سپريم ڪورٽ کي 17 سال ڏنا آهن. هو جوڊيشل سسٽم لاءِ اثاثو هو. هو سٺو قانوندان ۽ سادگي پسند هو. هن 23 سالن جي عمر ۾ آءِ سي ايس پاس ڪيو.
عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس اي آر ڪارنيليئس جڏهن رٽائرڊ ٿيو ته ان جا ڪي به اثاثا نه هئا سندس زندگي ججز جي لاءِ مثال آهي. پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. پاڪستان جو آئين اقليتن جي حقن جو ضامن آهي. 1964ع ۾ 2 صوبن جماعت اسلامي تي پابندي لڳائي. هن چيو ته اهو بنيادي انساني حقن جو معاملو آهي.
جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مولانا مودودي ڪيس ۾ پابندي هٽائي وئي. حڪومت يا ايگزيڪٽو آفيسر بنيادي انساني حقن جو فيصلو نٿو ڪري سگهي. بنيادي انساني حقن تي فيصلو ڪرڻ جو اختيار سپريم ڪورٽ کي حاصل آهي.
چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن. عدالتون ايگزيڪٽو آرڊر پاس نٿيون ڪري سگهن.