پاڪستاني: ٽي وي جي نامياري اداڪارا زيڪا ڊينيئل پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام تي تصويرون جاري ڪيون جنهن ۾ هو پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي سان گڏ موجود آهي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ هن چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ارادي تحت هن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس اهڙي پوسٽ تي واهپيدارن پاران رد عمل اچڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي.