پگهارون نه وڌڻ تي فيڊرل بورڊ آف ريوينيو(ايف بي آر) جي 100 کان وڌيڪ آفيسرن موڪلن جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.
ايف بي آر ان لينڊ روينيو ۾ گريڊ 19، 18، 17 جي آفيسرن اڄ کان 30 جون تائين موڪلن جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.
ايف بي آر ملازمن جو چوڻ آهي ته 150 سيڪڙو ايگزيڪٽو الائونس ۽ پگهارون نه وڌايون ويون ته وڌيڪ سخت رد عمل ڏيکارينداسين. وزيراعظم آفيس، سپريم ڪورٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن جون پگهارون 100 سيڪڙو وڌيڪ آهن.
ايف بي آر ملازمن جو موقف آهي ته پگهارون گهٽ هجڻ سبب گهريلو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهون مهانگائي جي شرح ٻيڻي ٿي وئي آهي. موجوده پگهارن ۾ گهريلو خرچ پورا نٿا ڪري سگهجن.