سنڌ: بروھي اتحاد جو مرڪزي جنرل ورڪر اجلاس مرڪزي صدر مير محمد عالم بروھي جي زيرصدارت ھيٺ حيدرآباد ۾ ڪرسٽل ماڊل ٽائون بروھي ھائوس ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ميرمظفر خان بروھي سميت سڄي سنڌ مان ڊويزنل، ضلعن، تعلقن، سٽيزن مان تنظيمي عھديدارن ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سينٽرل ڪميٽي جي ڪجھ دوستن ھڪ غيرقانوني غير اخلاقي غير دستوري قدم کڻي تنظيم جي صدر ۽ جنرل سيڪٽري کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري پوري قوم سان گڏو گڏ تنظيم جي ميمبرن ڪارڪنن اڳواڻن کي وڏي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪندي پنھنجي غير قانوني قدم کي جائز ثابت ڪرڻ لاء پروپيگنڊا سان گڏ ڪوڙ ڌوڪو ۽ ڌولاب جو سھارو وٺي سوشل ميڊيا تي ھڪ طوفان کڙو ڪندي جنرل باڊي جي اجلاس کي روڪڻ لاء ڪوڙيون خبرون ھلايون.
تنظيم جي مرڪزي عھديدارن وارھ ۾ ٿيل ھڪ ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي پراڻي سينٽرل باڊي جي عھديدارن طرفان مرڪزي صدر ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري کي عھدن کان ھٽائڻ جي خبر مرڪزي پيج تي لڳائڻ، ڪراچي. حيدر آباد. لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص، بدين، سميت مختلف ضلعن ۾ ايس بي آئي جي پراڻي عھديدارن کي مڪمل نظرانداز ڪري نوان عھدا کڻڻ ۽ تنظيم کي مڪمل طرح ٻن ڌڙن ۾ ورھائي انتشار پکيڙڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. مرڪزي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري تي اعتماد جو اظھار ڪندي دستوري غير قانوني ۽ غير اخلاقي قدم کي سنڌ بروھي اتحاد جي خلاف ھڪ خطرناڪ ۽ بدبودار سازش قرار ڏيندي نہ صرف رد ڪيو ويو پر سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي کين چتاء ڏنو ويو ته ھو اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ لاء وڌيڪ سازشن کان باز اچن.
اجلاس ۾ 20 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي جنھن ۾ سڄي سنڌ جي عھديدارن سميت معززين سميت علماء ڪاميٽي جي ماڻھن کي شامل ڪيو ويو آھي اھا ڪميٽي تنظيمي معاملن کي ڏسندي عارضي طور تي سمورن معاملن تي پنھنجا ويچار ونڊيندي تنظيم کي منظم ڪندا. ھنن چيو ته اڄوڪي جنرل باڊي جي اجلاس مان اھو ثابت ٿيو آھي ته سنڌ بروھي اتحاد ھڪ آھي ۽ ھڪ ئي رھندي ان موقعي تي سڄي سنڌ مان آيل سنڌ بروھي اتحاد جي ڊويزنل ضلعي ۽ ٻين عھديدارن سميت ورڪرن پاران تنظيم جي صدر محمد عالم بروھي جنرل سيڪريٽري ميرمظفرخان بروھي تي مڪمل طور تي اعتماد جو اظھار ڪيو ويو آخر ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تنظيم ۾ ڊڪٽيٽرشپ جو قدم کڻندڙ تنظيم کي نقصان ڏيندڙ فيض بروھي ۽ سندس ساٿارين خلاف ڪراچي پريس ڪلب ۽ نجي چينل جي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو ڌرڻو تيستائين جاري رھندو جيستائين اھي پنھنجي ڪڌن عملن تي شرمندا نه ٿيندا.