سرڪاري ملڪيتن تي حملن ۾ پي ٽي آءِ ملوث نه آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سرڪاري ملڪيتن تي حملن ۾ پي ٽي آءِ ملوث نه آهي اهو ڪم حڪومتي عناصر ڪري رهيا آهن.صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته سرڪاري ملڪيتن تي حملا پي ٽي آءِ جي پاليسي نه آهي اسان جي پاليسي پرامن رهي آهي، اسان جا جلسا، ۽ لانگ مارچ ڏسو اسان ڪڏهن به سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ناهي پهچايو. اهو ڪم حڪومتي عناصر ڪري رهيا آهن ۽ هٿ سان اهو سڀ ڪجهه ڪرايو پيو وڃي حڪومتي حربا ۽ حملن جي مذمت ڪريون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي عمران خان تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي. پهچ ڏني ويندي ته خبر پوندي. عمران خان جيڪا ڪميٽي ٺاهي هئي ان جو پهريون اجلاس هو. يقينن پرويز الاهي اسان سان گڏ هوندو. عمران خان جي قيادت تي سڀني کي ڀروسو آهي. عمران خان جيڪا مون کي ذميواري ڏني آهي سڀئي ان تي ڀروسو ڪندا. چيئرمين عمران خان آهي ۽ رهندو مون کي وقتي ذميواري ڏني وئي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت سان ڳالهيون؟ خدا جو خوف ڪريو. ان موقعي تي اسد عمر چيو ته عمران خان جي گرفتاري جو سبب ٻڌايو وڃي. ان جي گرفتاري ۾ بدنيتي شامل آهي. عمران خان جي چاهيندڙن کي اهو حق آهي ته هو پرامن احتجاج ڪن، پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس لائين ۾ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو