پوليس: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي گهر واري ۽ ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو.پي ٽي آءِ جي ترجمان موجب پوليس گهر تي ڇاپو هڻي قاسم خان سوري جي ڀاءُ کي گرفتار ڪيو، قاسم سوري گهر تي موجود نه هو، قاسم سوري جي گهر تي ڇاپو رات دير سان هنيو ويو.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ قاسم سوري چيو ته پهريان منهنجي گهر واري کي ڊي چوڪ تي پرامن احتجاج ڪندي گرفتار ڪيو ويو هاڻ منهنجي ڀاءُ بلال خان سوري کي معصوم ٻارن ۽ گهر جي عورتن سامهون گرفتار ڪري ڀر واري ٿاڻي بجاءِ نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا آهن.قاسم سوري وڌيڪ چيو ته هن وقت دنيا جي بدترين فسطانيت پاڪستان ۾ جاري آهي. پوءِ به سوڀ اسان جي ٿيندي. ذريعن موجب پوليس قاسم سوري جي ڀاءُ سميت سڄي شهر مان 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيندڙن ۾ ناصر آغا ايڊووڪيٽ، محمد شريف، سلطان فاروق شامل آهن. حميدالله، طيب، سيد اسرارالله، مصطفيٰ، سيد خليل، مبشر ۽ قيام الدين به گرفتار ٿيندڙن ۾ شامل آهن.