اسلام آباد: نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪري ڇڏي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف پوليس گيسٽ هائوس ۾ قائم احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي شروع ٿي پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت جي سامهون پيش ڪيو ويو جنهن ۾ نيب 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهري ورتو.اڳوڻي وزيراعطم عمران خان کي سيڪيورٽي خدشن تي اسلام آباد پوليس هيڊ ڪوارٽرز پهچايو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيسز جي ٻڌڻي لاءِ نيب ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ پوليس لائين ۾ شفٽ ڪيا ويا هئا.نيو گيسٽ هائوس پوليس لائين ۾ عمران خان خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور ڪئي جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل علي بخاري، خواجه حارث ۽ بيرسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر پنهنجي موقف ۾ چيو ته نيب کي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ عمران خان جو 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي.عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي استدعا کان پوءِ ٻڌڻي ۾ وقفي ڪري ڇڏيو جنهن تي عمران خان عدالت کي چيو ته مان پنهنجي وڪيلن سان مشاورت ڪرڻ چاهيان ٿو. ذريعن موجب اڳوڻو وزيراعظم ٻڌڻي ۾ وقفي دوران پنهنجي وڪيلن سان مشاورت ڪري رهيو آهي.