انٽرنيٽ جي بندش: لاهور هاءِ ڪورٽ حڪومت ۽ پي ٽي اي سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو

لاهور: هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي اي سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار سلمان ابوذر نيازي عدالت آڏو پيش ٿيندي پنهنجي موقف ۾ چيو ته پيڪا ايڪٽ 2016 جي سيڪشن 37 جي تحت انٽرنيٽ تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي. حڪومت غيرقانوني طور تي سروسز معطل ڪري ڇڏي آهي. حڪومت ڪنهن جي شڪايت تي لاڳاپيل مواد هٽائي سگهي ٿي، سروس معطل نٿي ڪري سگهي.سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جهڙيون حالتون پيدا ٿيون اهڙيون اڳ ڪڏهن به نه ٿيون، افواهن کي روڪڻ جي لاءِ سروس بند ڪئي وئي.عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان اڳ ئي سروس بند ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي اي اهو حڪم سامهون آڻي جنهن تحت سروس بند ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ عدالت وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي اي سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي مدد جي لاءِ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.