اسلام آباد :هاءِ ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ٻن هفتن لاءِ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي.ميان گل حسن اورنگزيب جي سربراهي ۾ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل ڊويزن بينچ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت عمران خان جي ٻن هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس حسن اورنگزيب نيب پراسيڪيوشن کي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اسان دليل ٻڌي ضمانت منظور يا رد ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل تياري ڪري اچجو.خواجه حارث ٻڌايو ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ انڪوائري جي ڪاپي ملي وئي آهي. بشريٰ بي بي جي ڪيس ۾ به انڪوائري رپورٽ ملي وئي آهي.جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران عدالت جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پٺين دروازن کي سيل ڪيو ويو هو ۽ ٻن دروازن تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا.عمران خان پوليس لائنز گيسٽ هائوس کان عدالت ۾ پيشي لاءِ روانو ٿيو سندس قافلي جي سيڪيورٽي جا انتظام ڊي آءِٰ جي آپريشن ڏسي رهيو هو.