سج جي روشني سان ڪجهه منٽن ۾ چارج ٿيندڙ ليپ ٽاپ، قيمت به سامهون اچي وئي

چين جي ٽيڪنالاجي ڪمپني(لينووو) 20 منٽن ۾ سج جي روشني سان چارج ٿيندڙ نئين تصوراتي ليپ ٽاپ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شمسي توانائي سان چارج ٿيندڙ ليپ ٽاپ جو اعلان تازو ئي ٿيندڙ موبائل وڌيڪ پڙھو

فيصلو ٿي چڪو آهي، دهشتگرد پاڪستان ۾ هجن يا افغانستان ۾ انهن کي ڇڏيو نه ويندو: حنيف عباسي

 ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته فيصلو ٿي چڪو آهي ته معصوم انساني حياتين سان کيڏندڙ دهشتگرد پاڪستان ۾ هجن يا ڀڄي افغانستان يا ڪنهن  ٻئي ملڪ هليا وڃن انهن کي هاڻ بخش نه ڪيو ويندو. ريلوي وڌيڪ پڙھو

لاهور ۾ مشهور گلوڪاره نصيبو لال تي مڙس جو مبينه تشدد، جان کان مارڻ جون ڌمڪيون

لاهور ۾ مشهور گلوڪاره نصيبو لال کي مڙس مبينه طور تي تشدد جو نشانو بنايو آهي. پوليس موجب نصيبو لال تي مڙس جي مبينه تشدد جو واقعو شاهدره ٽائون ۾ پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته نصيبو لال تي وڌيڪ پڙھو

نئون ڪوٽ: سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان پيادل مارچ

سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي لکين ايڪڙ زمين تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان گلن جي موري کان نئون ڪوٽ جي خواجه چوڪ تائين 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ جي وڌيڪ پڙھو

وزيراعظم 190 ملين پائونڊ سان تيار ٿيندڙ دانش يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، چيف جسٽس ۽ فائز عيسيٰ جو به ٿورو ادا ڪيو

 وزيراعظم شهباز شريف 190 ملين پائونڊ(60 ارب روپيه) جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ دانش يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي جي پيڙهه جو بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو وڌيڪ پڙھو

بنون ۾ هڪ ئي وقت 2 ٿاڻن ۽ هڪ پوليس چوڪي تي دهشتگردن جا حملا

خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ دهشتگردن 2 پوليس اسٽيشنن کي نشانو بنايو جڏهن ته نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن خوجڙي پوليس چوڪي تي 2 هينڊ گرنيڊ سان حملو ڪيو پر خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. پوليس موجب حملو وڌيڪ پڙھو

سلامتي ڪونسل طرفان ٽرين حملي جي مذمت: سمورن ملڪن کي پاڪستان سان تعاون ڪرڻ جي اپيل

گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل بلوچستان  ۾ جعفر ايڪسپريس مسافر ٽرين تي دهشتگردن جي حملي ۽ مسافرن کي يرغمال بنائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سمورا وڌيڪ پڙھو

پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي تي اڳڀرائي ٿي آهي، موسمياتي تبديلين تي امڪاني طور تي فنڊز به ڏئي سگهجن ٿا: آءِ ايم ايف

عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پاڪستان بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ ايم طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان 7 ارب ڊالر قرض پروگرام تي جائزي جي لاءِ ڳالهيون ٿيون. پاڪستان سان ڪلائميٽ فنانسنگ وڌيڪ پڙھو

جعفر ايڪسپريس حملو: ڪوئٽه کان ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرين سروس اڻڄاتل مدي لاءِ معطل

ڪوئٽه کان  ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرين سروس اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي. ريلوي اختيارين موجب ڪوئٽه کان اندرون ملڪ جي لاءِ ٽرين سروس جي معطلي جو اڄ چوٿون ڏينهن آهي، ٽرين سروس اڻڄاتل مدي جي وڌيڪ پڙھو

ڪشمور: مغوي راجيش ڪمار جي بازيابي نه ٿيڻ تي هندو برادري هولي جو بائيڪاٽ ڪيو

تفصيل موجب ڪشمور ضلعي م امن امان جي خراب صورتحال ء ڇھ نومبر گڊو ٿاڻي جي حد ڊيرا موڙ وٽ هٿياربندن جي هٿان اغوا ٿي ويل راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي ڪشمور پوليس هن وقت تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي وڌيڪ پڙھو