عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پاڪستان بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ ايم طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان 7 ارب ڊالر قرض پروگرام تي جائزي جي لاءِ ڳالهيون ٿيون. پاڪستان سان ڪلائميٽ فنانسنگ جي لاءِ به ڳالهيون ڪيون ويون. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان قرضن جي ادائيگي جي مينجيمنٽ توانائي جي شعبي ۾ لاڳت گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي شعبي جي بهتري، معاشي ترقي جي شرح وڌائڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ بهتري جي لاءِ به ڳالهيون ٿيون. آءِ ايم ايف پڌرائي موجب پاڪستان سان تعليم کي هٿي ڏيڻ، سماجي خدشا ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان موجوده قرض پروگرام تي سختي سان عمل ڪيو. پاڪستان سان ڳالهيون مٿبت رهيون، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ وچوئل ڳالهيون جاري رکنداسين. آءِ ايم ايف پڌرائي موجب پاڪستان سان تعليم کي هٿي ڏيڻ، سماجي خدشا ۽ موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽ ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان موجوده قرض پروگرام تي سختي سان عمل ڪيو، پاڪستان سان ڳالهيون مثبت رهيون، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ورچوئلي ڳالهيون جاري رکنداسين. آءِ ايم ايف پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي جي لاءِ نمايان اڳڀرائي ئي آهي ۽ پاڪستان قرض پروگرام جي شرط تي سختي سان عمل ڪيو آهي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان حڪومتي قرضن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سخت معاشي قدم کنيا آهن. مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سخت مانيٽري پاليسي تي عمل ڪيو ويو آهي، بجلي جي پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اصلاحات ڪئي وئي آهي جڏهن ته معاشي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ اصلاحاتي ايجنڊا تي عمل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهين جو آخري دور ٿيو جنهن ۾ پاڪستاني اختيارين اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٽن شعبن ۾ خدشن جي باوجود آءِ ايم ايف مشن قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪندو.