ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس ۾ فيئر ٽرائل جي گهرجن کي پورو ناهي ڪيو ويو: چيف جسٽس جو اضافي نوٽ

ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ جسٽس منصور جي نوٽ سان هڪ حد تائين اتفاق ڪيو ويو آهي. اضافي نوٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي لکيو ته مون کي چيف وڌيڪ پڙھو

مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري مسجد جي پيش امام کي قتل ڪري ڇڏيو

 مورو درس ٿاڻي جي حد ڳوٺ مناھي ۾ گذريل رات نامعلوم هٿياربندن پاران مسجد جي پيش امام کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مورو ڀرسان درس ٿاڻي جي ڳوٺ مناھي جي رھواسي 40  ورهين جي معشوق علي کوسو وڌيڪ پڙھو

سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال، اهم ڪاروباري مرڪز بند

 ايس ٽي پي پاران سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري وفاق جي فيصلي خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي. حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ شٽربند هڙتال سبب اهم ڪاروباري مرڪز بند آهن.  ايس ٽي وڌيڪ پڙھو

مدرسن جي رجسٽريشن معاملو: متحده جو وفد مولانا جي رهائشگاهه پهچي ويو

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي مدرسن جي رجسٽريشن ايڪٽ تي راضي ڪرڻ لاءِ متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو وفد متحرڪ ٿي ويو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، وڌيڪ پڙھو

شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي 17ھين ورسي جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي

شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي 17ھين ورسي جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي ڪنڌڪوٽ جو اجلاس سٽي صدر شھزادو کوسو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر غفران ملڪ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع وڌيڪ پڙھو

ساوند سندراڻي تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو, قادرپور ڀرسان ڳوٺ يار محمد ساوند ۾ سندراڻي برادري جي هٿياربند جو حملو ساوند برادري جا 6 ڄڻا زخمي

ڪمند جي ڪٽائي تي ويندڙ ساوند برادري جا ماڻھو وڃي رھيا ھئا ت رستي ۾ سندراڻي برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ عبدالغفار ساوند،حادي بخش ساوند،قادر بخش ساوند،مور خان ساوند،طفيل احمد ساوند ۽ فياض احمد ساوند وڌيڪ پڙھو

سنڌ هاءِ ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف شاهد خاقان عباسي جي درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. 26هين آئيني ترميم جي خلاف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران وڌيڪ پڙھو

مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي ۾ سڀني کان وڏي رنڊڪ حڪومت پاڻ آهي: فضل الرحمان

 جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن ۾ سڀني کان وڏي رنڊڪ حڪومت پاڻ آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ايوان جي وڌيڪ پڙھو

يونان ٻيڙي حادثي ۾ گم ٿيل پاڪستانين جي بچڻ جون اميدون ختم ٿي ويون آهن: پاڪستاني سفير

يونان ۾ پاڪستاني سفير عامر آفتاب قريشي چيو آهي ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ گم ٿيل پاڪستانين جي بچڻ جون اميدون ختم ٿي ويون آهن. يونان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر آفتاب قريشي چيو ته ٻيڙي حادثي ۾ 4 پاڪستانين وڌيڪ پڙھو