مدرسن جي رجسٽريشن معاملو: متحده جو وفد مولانا جي رهائشگاهه پهچي ويو

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي مدرسن جي رجسٽريشن ايڪٽ تي راضي ڪرڻ لاءِ متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو وفد متحرڪ ٿي ويو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سيد امين الحق تي ٻڌل ايم ڪيو ايم جي وفد اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهچي انهي سان ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد سان ملاقات کان پوءِ به مدرسن جي رجسٽريشن ايڪٽ تي پنهنجي موقف تان پوئتي ناهي هٽيو. ايم ڪيو ايم مولانا جي مطالبن کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سان ڳالهين ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته مدرسن جي معاملي تي ايوان صدر طرفان منجهايو ويو آهي. ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ديني مدرسن جي ايڪٽ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم اسان جو مطالبو حڪومت تائين پهچائي ڇڏي. ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهين ۾ مولانا فضل الرحمان اپوزيشن ۽ حڪومت جي ڳالهين تي پنهنجو ڪردار به واضح ڪيو. ڳالهين دوران صحافي مولانا فضل الرحمان کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو؟ جنهن تي مولانا جواب ڏنو ته جواب مون تائين ناهن پهتا انهي تي في الحال نٿو ڳالهائي سگهان. انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي خالد خالد مقبول صديقي چيو ته مولانا وٽ تمام گهڻيون دليلون آهن سندس پيغام کي اڳيان پهچائينداسين.