طائف ۾ موسلادھار بارش

طائف ۾ موسلادھار برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو،

سعودي عرب جي مشھور تفريحي شھر طائف ۾ موسلادھار برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏھن تھ گرمي جي شدت ۾ پڻ گھٽتائي اچي وئي آھي. برسات ۽ ٿڌين ھوائن سبب شھر جي مختلف علائقن ۾ خوبصورت منظر ڏسڻ ۾ اچي رھيا آھن.رپورٽن موجب، طائف جي مختلف علائقن ۾ تيز ھوائن سان گڏ برسات پئي، جنھن کانپوءِ جبلن تان پاڻي وھڻ شروع ٿي ويو، جڏھن تھ ھيٺاھين وارن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو. ڪجھھ مکيھ روڊن ۽ بازارن ۾ پاڻي بيھڻ سبب ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي.مقامي رھواسي ۽ سياح برسات کانپوءِ خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿي رھيا آھن. ڪيترن ئي ماڻھن خاندانن سميت پارڪن، جبلن ۽ وادين جو رخ ڪيو آھي. طائف پنھنجي خوبصورت جبلن ۽ معتدل موسم سبب سعودي عرب ۾ خاص سڃاڻپ رکي ٿو.ٻئي طرف، موسلادھار برسات کي نظر ۾ رکندي سعودي سول ڊفينس ۽ روڊ سيفٽي اختيارين شھرين ۽ سياحن لاءِ احتياطي ھدايتون جاري ڪيون آھن. اختيارين ماڻھن کي نالن، وادين ۽ ھيٺاھين وارن علائقن کان پري رھڻ جي صلاح ڏني آھي، ڇاڪاڻ⁠تھ تيز پاڻي جو وھڪرو خطري جو سبب بڻجي سگھي ٿو.