بجلي چوري جو خاتمو

بجلي چوري خلاف سخت قدم،

بجلي چوري جي خاتمي ۽ بجلي جا بل ادا نھ ڪندڙ صارفين خلاف ڪارروائي لاءِ اھم فيصلو ڪيو ويو آھي. پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني پيسڪوجي چيف اختر حميد خان موجب، صوبي ۾ بجلي چوري روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.تفصيل موجب، جن صارفين جا بجلي جا بل ڊگھي عرصي کان رھيل آھن، انھن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏھن تھ بجلي جي رھتن جي وصولي لاءِ لاڳاپيل ٽرانسفارمرز ۽ ڪنيڪشن منقطع ڪرڻ جا قدم پڻ کنيا ويندا.پيسڪو انتظاميا جو چوڻ آھي تھ بجلي چوري سبب اداري کي مالي نقصان پھچي رھيو آھي، جنھن کي روڪڻ لاءِ خاص مھم شروع ڪئي ويندي. بجلي چوري ۾ ملوث ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي.