آبناءِ ھُرمُز حملي جو نشانو

آبناءِ ھرمز ۾ حملي جو نشانو بڻيل جھاز

آبناءِ ھرمز ۾ حملي جو نشانو بڻيل پاناما جي جھنڊي ھيٺ ھلندڙ واپاري جھاز مان عملي جي 25 ڄڻن کي بچايو ويو آھي.عمان جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي سينٽر موجب، عماني سامونڊي فوج فوري ڪارروائي ڪندي جھاز تي سوار 25 ڄڻن کي محفوظ ھنڌ منتقل ڪيو. رپورٽن موجب، جھاز تي حملي کانپوءِ باھھ لڳي وئي، جنھن سبب عملي ۾ خوف ۽ پريشاني پکڙجي وئي.عماني اختيارين جو چوڻ آھي تھ بچايل عملي کي محفوظ ھنڌ منتقل ڪرڻ بعد طبي سھولتون فراھم ڪيون ويون آھن، جڏھن تھ واقعي بابت جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آھي.آبناءِ ھرمز ۾ پيش آيل اھڙا واقعا سامونڊي سلامتي ۽ عالمي واپار لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رھيا آھن. ماھرن موجب، سامونڊي رستن جي حفاظت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ضروري آھي.