ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 80 ڪروڙ ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

 ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 80 ڪروڙ ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي جي پڌرائي موجب پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ حالتون بهتر ڪرڻ ۾ ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي، رقم جي منظوري مضبوط مالي پائيداري جي لاءِ ڏني وئي وڌيڪ پڙھو

ڀارت خلاف جنگ پنهنجي مڪمل وسيلن سان وڙهي، ٻاهر کان ڪابه مدد ناهي ورتي: جنرل ساحر شمشاد

 چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو آهي ته ڀارت جي خلاف 96 ڪلاڪن جي جنگ مڪمل طور تي پنهنجي وسيلن سان وڙهي، ٻاهر کان ڪابه حاصل ناهي ڪئي. برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي وڌيڪ پڙھو

وزيراعظم شهباز شريف ديامر،ڀاشا ڊيم منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 وزيراعظم شهباز شريف ديامر ڀاشا ڊيم منصوبي ۾ ايندڙ رنڊڪن کي ختم ڪري منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ديامر ڀاشا ڊيم ۽ ٻين آبي وسيلن تي اجلاس وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ آچر کان هن وقت تائين 19 ڀيرا زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

ڪراچي شهر ۾ گذريل ٽن ڏينهن دوران ايندڙ زلزلي جي لوڏن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي. لاڳيتو ايندڙ زلزلي جي لوڏن سبب شهرين ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو آهي. رپورٽ موجب شهر ۾ 19هون زلزلو اڄ صبح وڌيڪ پڙھو

ڊفينس ۾ نوجوان تي تشدد جو واقعو: چوٿون جوابدار گرفتار، سلمان فاروقي جو جسماني ريمانڊ منظور

 عدالت نوجوان تي تشدد ۾ ملوث جوابدار سلمان فاروقي کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ ڊفينس ۾ نوجوان تي تشدد جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿعي جنهن  سلسلي ۾ پوليس وڌيڪ پڙھو

کھڙا: 6 گھرن کي پراسرار نموني باھ وڪوڙي وئي، الهه تلهه سڙي رک، لکين روپين جو نقصان

) کھڙا : ڳوٺ علي محمد ناريجو ۾ پراسرار نموني باھ، ڇھ گهر سڙي رک، لکين روپين جو نقصان کھڙا ويجھو راضي ديرو ڳوٺ علي محمد ناريجو ۾ افسوسناڪ واقعي دوران ڇھ گهرن کي پراسرار طريقي سان باھ وڪوڙي وئي، وڌيڪ پڙھو

ڊيفالٽ ٿيل رقم جي وصولي لاءِ بحريه ٽائون جون ملڪيتون 12 جون تي نيلام ٿينديون: نيب

قومي احتساب بيورو(نيب) اعلان ڪيو آهي ته نيب قانون موجب پلي بارگين جي ڊيفالٽ ٿيل رقم جي وصولي لاءِ بحريه ٽائون جون ملڪيتون 12 جون تي نيلام ڪيون وينديون.. قومي احتساب بيورو موجب نيب قانون جي تحت پلي بارگينگ جي وڌيڪ پڙھو

لاڙڪاڻو: ونواهه جي تقريب مان واپس ڳوٺ ايندڙ ڄاڃين جي ڪار مٿان هٿياربندن جي فائرنگ، پيرسن عورت قتل، 2 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام ڀٽو ڀرسان ونواهه کان ٿي واپس ڳوٺ ايندڙ ڄاڃين جي ڪار مٿان نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب پيرسن عورت بدرالنساءَ ڀٽو تڏي تي قتل وڌيڪ پڙھو