) کھڙا : ڳوٺ علي محمد ناريجو ۾ پراسرار نموني باھ، ڇھ گهر سڙي رک، لکين روپين جو نقصان کھڙا ويجھو راضي ديرو ڳوٺ علي محمد ناريجو ۾ افسوسناڪ واقعي دوران ڇھ گهرن کي پراسرار طريقي سان باھ وڪوڙي وئي، جنهن سبب ڳوٺ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. باھ جي لپيٽ ۾ آيل گهر لال بخش ناريجو، امير بخش ناريجو، احمد بخش ناريجو، ذوالفقار ناريجو، عرفان ناريجو ۽ چنيسر ناريجو جا شامل آهن جيڪي مڪمل طور سڙي خاڪ ٿي ويا. باھ جي نتيجي ۾ اوطاقن جون ڇتيون، مال جي لانڍيون، ڪپڙا، ڀاڻ، اناج، بستر، فرنيچر ۽ ٻين قيمتي شين سميت لکين روپين جو سامان تباهه ٿي ويو آهي ڳوٺاڻن موجب باھ تي ضابطو آڻڻ لاءِ خيرپور، گمبٽ، ٽنڊو مستي سميت ضلعي خيرپور جي مختلف ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين سان فائربرگيڊ گاڏين لاءِ رابطو ڪيو ويو، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪنهن به اداري مان فائربرگيڊ جو عملو نه پهتو.مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تڪڙا وسيلا نه هجڻ سبب نقصان کي بچائي نه سگهيا. متاثر ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا، خاص طور ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن نقصان جو جلد از جلد ازالو ڪيو وڃي ۽ ضلعي ۾ ايمرجنسي حالتن لاءِ موثر بندوبست ڪيو وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا ٿيڻ کان بچي سگهن.