آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو

ناڻي بابت سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت جي اعليٰ اختيارين ٻڌايو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيڪس وصولي جي حدف کي ناڪافي ۽ پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزارت جي اختيارين سينيٽ جي قائمه ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عالمي مالياتي فنڊ پيٽروليم ليوي 50 روپيه في ليٽر مان وڌائي 60 روپيه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.آءِ ايم ايف نائون جائزو مڪمل ڪرڻ لاءِ ليوي وڌائڻ جي شرط لاڳو ڪئي آهي. پيٽروليم شين تي ليوي نه وڌائڻ تي آءِ ايم ايف اڃان تائين مطمئن نه آهي. آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عدم اطمينان ۽ ايف بي آر ٽيڪس حدف تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.آءِ ايم ايف ايف بي آر ٽي وصولي جي ڪوششن کي ناڪافي، ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ جا قدم به اڻپورا قرار ڏئي ڇڏيا آهن. آءِ ايم ايف پاڪستان کي ٽيڪس وصوليون وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو پڻ چيو آهي.اختيارين ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ايف بي آر جو ٽيڪس حدف 9200 ارب مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف 869 ارب جي ليوي جمع ڪرڻ لاءِ ليوي جو ريٽ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف بجيٽ جي انگن اکرن کان مطمئن نه آهي ان لاءِ ايندڙ مالي سال لاءِ پيٽروليم ڊوالپمينٽ ليوي جو حدف 869 ارب روپيه مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال نظرثاني ٿيل حدف 542 ارب روپيه آهي. ڪميٽي جي ميمبرن فنانس بل ۾ ڏنل ان ترميم جي مخالفت ڪئي ته پارليامينٽ مان منظوري کان سواءِ حڪومت کي پيٽروليم ليوي ۾ واڌ يا لاٿ جا اختيار حاصل ٿي وڃن.ڪميٽي نان فائلرز جي لاءِ بينڪن مان 50 هزار روپين کان وڌيڪ جي ٽرانزڪشن تي 0.6 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز به رد ڪندي سفارش ڪئي ته نان فائلرز جي لاءِ 25 هزار روپين جي ٽرانزڪشن تي هڪ سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي. ڪميٽي سپر ٽيڪس جي شرح ۾ به لاٿ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.