عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) حڪومت کان اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آءِ ايم اي طرفا پاڪستان جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي مانيٽري پاليسي وڌيڪ سخت، فعال ۽ ڊيٽا تي ٻڌل بڻائڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته وياج جي شرح ۾ تازي واڌ سٺو سنئوڻ آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مهانگائي گهٽائڻ ۽ ٻاهرئين توازن کي آسان بڻائڻ لاءِ جيڪڏهن ضرورت هجي ته سختي سان سلسلو جاري رهڻ گهرجي، ري فنانسنگ اسڪيمن کي مرحلي وار ختم ڪرڻ جي منصوبي تي عملدرآمد سان مانيٽري پاليسي جي عمل کي هٿي ملندي ۽ انهن اسڪيمن ۾ شفافيت ايندي.آءِ ايم ايف رپورٽ موجب سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي آزادي کي وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ناڻي مٽاسٽا جي شرح مارڪيٽ جي بنياد تي مقرر ٿيڻ گهرجي، ٻاهرين جهٽڪن کي جذب ڪرڻ، مسابقت کي برقرار رکڻ ۽ عالمي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جي نئين سر تعمير ۾ مدد لاءِ مراعتون ڏئي ناڻي جي پهچ کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.