آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي بجيٽ ۾ پيش ڪيل ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم واپس ورتي وئي

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي دٻاءُ تي بجيٽ ۾ پيش ڪيل ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم واپس ورتي وئي آهي.ذريعن موجب پرڏيهه مان هڪ لک ڊالر اماڻڻ تي آمدني جا ذريعا ظاهر نه ڪرڻ جي ڇوٽ ڏني وئي هئي. ذريعن موجب پرڏيهي ملڪن مان رقم بينڪنگ چينل ذريعي اماڻڻ جي شرط لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ آءِ ايم ايف ان ايمنسٽي اسڪيم تي اعتراض واري ڇڏيا هئا.ذريعن موجب ايمنسٽي اسڪيم جو مقصد ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ هو. ان کان علاوه 2 هزار سي سي کان وڏي لگزري گاڏين تي ٽيڪس ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته ڀاڻ جي وڪرو تي 3 روپيه في ڪلو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو آهي.ياد رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نائين جائزي ۽ پروگرام جي بحالي جي رستي ۾ رنڊڪون ختم ٿي ويون آهن. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقاتن ۽ رابطن سان اهم اڳڀرائي ممڪن ٿي آهي. وزيراعظم ۽ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وچ ۾ پيرس ۾ رابطن ۽ ملاقاتن سان وڏو بريڪ ٿرو ٿيو آهي.