آءِ ايم ايف جي شرطن تي بجيٽ کان اڳ ٽيڪس وصولين جو هدف وڌايو ويو.ذريعن موجب ٽيڪس وصولين جو هدف 9200 ارب رپين مان وڌائي 9415 ارب رپيا ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ وڌيڪ 215 ارب رپين جا ٽيڪس عوام تي لاڳو ڪيا ويا، جڏهن ته انڪم ٽيڪس ۾ ساليانو 24 لک کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس ۾ 2.5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي.ذريعن موجب ماهوار ٻه لک رپين کان وڌيڪ جي پگهار تي انڪم ٽيڪس جي شرح 2.5 سيڪڙو وڌائي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ تي 5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان سان 35 ارب رپين جي آمدني ٿيندي.ذريعن موجب پراپرٽي جي خريد ۽ وڪري تي ٽيڪس هڪ مان وڌائي ٻه سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان سان وڌيڪ 45 ارب رپيا حاصل ٿيندا.