عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد احمد چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو نه ٿيو ته سمورو بجيٽ اڌورو رهجي ويندو.شيخ رشيد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته 22 ارب ڊالر قرض جي ادائيگي ڪيئن ٿيندي؟ غريبن ۽ واپارين بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بجيٽ ۾ روينيو حدف 9200 ارب روپيه رکيو ويو اهو ڪيئن پورو ٿيندو؟ جيڪڏهن انڊسٽريون نه هليون ته ايڪسپورٽ ڪيئن وڌندي؟ شيخ رشيد چيو ته 9 هفتن جي حڪومت جو اهو گلو دٻايل بجيٽ آهي. جڏهن پاڪستان ئي سرمائيڪاري نه ڪندو ته پرڏيهي سرمائيڪاري ڪٿان کان ايندي.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير پنهنجي ناڪامي جو اعتراف هئي. ڪشڪول کڻڻ باوجود هنن کي سڄي دنيا مان خيرات نه ملي. سياسي استحڪام کان سواءِ بجيٽ ناڪام آهي.حڪومت ۽ نئين سياسي پارٽي جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته اميد آهي ته 13 آگسٽ کان اڳ هي اسيمبليون ٽوڙيندا ته جيئن 60 ڏينهن جي بجاءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائين. ناڻي واري وزير تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار معاشي انگن اکرن جي ٽيمپرنگ ۾ هيرا ڦيري جو ڪمال رکندو آهي.