آءِ ايم ايف سان معاهدي باوجود ڊالر کي بريڪ نه لڳي

آءِ ايم ايف سان معاهدي باوجود ڊالر کي بريڪ نه لڳي ۽ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو.آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ ڊالر وري پنهنجو قدر وڌائڻ لڳو آهي، ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ رپئي جي بي قدري ۽ ڊالر جي قيمت ۾ تيزيءَ سان واڌ جو سلسلو جاري رهيو.انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 2 رپيا 10 پئسا مهانگو ٿي 280 رپين تي پهچي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو وڌڻ کانپوءِ 283 رپين جو ٿي ويو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته درآمدن کلڻ سبب ڊالر جي طلب ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي.