“آءِ ايم ايف سان پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر جي ٻئي قسط جون ڳالهيون سيپٽمبر جي آخر ۾”

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ هڪ ارب ڊالر جي ٻئي قسط لاءِ ٻئي اقتصادي جائزي تي ڳالهيون هلندڙ مهيني (سيپٽمبر) جي آخري عشري ۾ شروع ٿينديون، جنهن لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد 25 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، اقتصادي جائزي تي ڳالهيون لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ملڪ جي مالي ۽ اقتصادي انگن اکرن کي حتمي شڪل ڏئي جلد آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيو ويندو. ذرائع جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ٻئي اقتصادي جائزي تي ڪامياب ڳالهيون ٿيڻ بعد آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري سان پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر جي ٻئي قسط جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف مشن جو دورو سيپٽمبر 2024 ۾ طئي ٿيل 37 مهينن جي 7 ارب ڊالر ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي پروگرام (EFF) تحت ٿي رهيو آهي. انهي پروگرام جي تحت هينئر تائين پاڪستان کي ٻه قسطن ۾ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ فنڊ حاصل ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڪلائميٽ فنانسنگ جو معاهدو پڻ طئي ٿي چڪو آهي، جنهن تحت ايندڙ 28 مهينن دوران پاڪستان کي هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.