آءِ ايم ايف سان ڳالهيون: پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪاربن ليوي لڳائڻ جو امڪان

 آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 5 روپيه في ليٽر ڪاربن ليوي لڳائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. حڪومتي ذريعن موجب نئين مالي سال جي بجيٽ جي تياري ۽ ٻين معاملن تي پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيڪينڪي وفد وچ ۾ ڳالهيون سڀاڻي کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف ٽيم سان ڪيترن ئي نون ٽيڪس قدمن ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون، آءِ ايم ايف ٽيڪنيڪي وفد سان ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر اختياريون شرڪت ڪنديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين خصوصي اقتصادي ۽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز جي ٽيڪس مراعات تي حتمي فيصلو ٿيندو، آءِ ايم ايف خصوصي اقتصادي زون، برآمدي شعبي جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ جي مخالفت ڪري رکي آهي، موجوده خصوصي اقتصادي زون کي حاصل مراعتون 2035 تائين ختم ٿينديون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 5 روپيه في ليٽر ڪاربن ليوي لڳائڻ واري فيصلي جو امڪان آهي، جيڪڏهن ڪاربن ليوي لڳائڻ جو فيصلو ٿيو ته انهي کي فنانس بل جو حصو بنايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين بجيٽ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جو به فيصلو ڪرڻ جو امڪان آهي. اليڪٽرڪ گاڏين کي مراعتون، قومي اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 2025-30 جي تحت ڏني ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اليڪٽرڪ گاڏين جي  گڏيل پاليسي جي تحت ملڪ ۾ اي وي چارجنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويندا، ريٽيلرز ۽ هول سيلرز سميت مختلف شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ وارن قدمن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.