آءِ ايم ايف سرڪاري ادارن جي نجڪاري سميت نوان مطالبا رکي ڇڏيا

اسلام آباد: آءِ ايم ايف پاڪستان سامهون وڌيڪ مطالبا رکي ڇڏيا.ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهيون ختم ٿي ويون، ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان کان بجلي، گئس جو ٽيرف وڌائڻ، پيٽروليم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري تي به زور ڏنو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف نجڪاري ذريعي معيشت ۾ رياستي مداخلت محدود ڪرڻ ۽ سرڪاري ادارن جي ريگيولر آڊٽ جو به مطالبو ڪيو آهي.گڏوگڏ آءِ ايم ايف طرفان ڪرپشن جي خاتمي، ڪاروبار ۽ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ آساني، ايل اين جي پاور پلانٽس، هائوس فلڊنگ فنانس سميت ڪيترن ئي ادارن جي نجڪاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پي آءِ اي، اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشي ترقي، سيڙپڪاري، روزگار لاءِ خاميون ختم ڪيون وڃن، جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي ادارن کي برابر موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جون هاڻ پاليسي سطح تي ڳالهيون ٿينديون.