اسلام آباد: ناڻي واري وزارت چيو آهي ته فنڊن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ جي باري ۾ آءِ ايم ايف کي ناڻي واري وزارت طرفان يقين ڏيارڻ واريون خبرون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف ڪڏهن به اهڙن خدشن جو اظهار نه ڪيو آهي ۽ نه ئي بجيٽ ذريعي پارليامينٽ جي منظوري کان سواءِ ڪو فنڊ ڪنهن مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ڪجهه قومي اخبارن ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي معاهدي تي صحيح ۾ دير جو سبب اهو آهي ته آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت طرفان يقين دهاني چاهي ٿو ته فنڊز سياسي مقصد لاءِ استعمال نه ڪيا ويندا.ان حوالي سان ناڻي واري وزارت وضاحت جاري ڪئي آهي ته اها خبر ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي ڇو ته آءِ ايم ايف ڪڏهن به حڪومت سان اهڙن خدشن جو اظهار نه ڪيو آهي ۽ نه ئي بجيٽ ذريعي پارليامينٽ جي منظوري کان سواءِ ڪي به فنڊ ڪنهن مقصد جي لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.