عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ملڪيت جي ڏيتي ليتي تان ٽيڪس شرح گهٽ ڪرڻ کان انڪار ڪندي ايف بي آر جي درخواست رد ڪري ڇڏي. پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه مابرينجي چيو آهي ته مارچ 2025ع جا حدف گهٽ ڪرڻ تي به اتفاق نه ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب خبر پئي آهي ته آءِ ايم ايف پنهنجي حتمي فيصلي ۾ في الحال ايف بي آر طرفان ملڪيت جي شعبي لاءِ ڏيتي ليتي جي ٽيڪسز ۾ گهٽتائي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. انهي کان اڳ اعليٰ اختيارين دعويٰ ڪئي هئي ته آءِ ايم ايف اصولي طور تي 1 اپريل 2025ع کان ملڪيت جي خريداري تي لڳايل ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي تي اتفاق ڪيو آهي، پر شرط اهو آهي ته انهي جي لکت ۾ منظوري آءِ ايم ايف کان حاصل ڪئي وڃي. هاڻ آءِ ايم ايف طرفان باضابطه طور تي بيان ڏنو ويو آهي ته انهي ملڪيت جي ڏيتي ليتي مٿان لڳايل ٽيڪسز ۾ گهٽتائي تي ڪوبه اتفاق نه ڪيو آهي. آءِ ايم ايف پهريان ئي سگريٽ ۽ مختلف مشروبات تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر هاڻ ايف بي آر جي ملڪيت جي شعبي لاءِ ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي آخري درخواست کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي طرف وڌي رهيا آهن، پر پاڪستان کي آءِ ايم ايف کي لکت ۾ يقين ڏيارڻو پوندو ته صوبا ڪڻڪ جي خريداري ۾ مداخلت نه ڪندا. آءِ ايم ايف موجوده 7 ارب ڊالر جي واڌ واري فنڊ جي سهوليت ۾ ڪلائمينٽ فنانس کي شامل ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي جيڪو ريزيلينس اينڊ سٽينيبليٽي فيسلٽي جي تحت پيش ڪئي ويندي.