آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري ۾ آرمي چيف اهم ڪردار ادا ڪيو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير اهم ڪردار ادا ڪيو. 7 ارب ڊالر پروگرام جي منظوري ۾ سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ چين ڀرپور مدد ڪئي.آمريڪا کان لنڊن پهچڻ تي صحافين سان ڳالهين ۾ وزيراعظم چيو ته عالمي ادارن اهو مڃيو آهي ته پاڪستان هاڻ ترقي جي رستي تي گامزن آهي، سياسي استحڪام کان سواءِ معاشي استحڪام نٿو اچي سگهي.وزيراعظم چيو ته 9 مئي جو واقعو معافي جوڳو نه آهي، انهي ۾ ملوث ماڻهن کي تڏهن ئي معافي ملندي جڏهن اهي سچي دل سان معافي گهرندا. سوشل ميڊيا تي فوج  ۽ شهيدن کي گاريون ڏيندڙن جي هوندي اسان کي ڪنهن به ٻئي دشمن جي ضرورت نه آهي.وزيراعظم چيو ته چين سان لاڳاپا خراب ڪرڻ ۾ اڳوڻي حڪومت ڪابه ڪسر نه ڇڏي پي آءِ اي بند ڪرائڻ ۾ به اڳوڻي حڪومت ملوث آهي.(ن) ليگ اقتدار ۾ اچي پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو.