عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڀاڻ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي(ايف اي ڊي) کي موجوده 5 سيڪڙو مان وڌائي 10 سيڪڙو ڪرڻ ۽ زرعي دوائن تي 5 سيڪڙو نئون ٽيڪس لڳايو وڃي. اربع جي ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ آءِ ايم ايف جي وچ اوڀر جي ڊائريڪٽر جهاد ازعور ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي وچ ۾ ايندڙ بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ملاقات ٿي. ذريعن موجب وزيراعظم ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آءِ ايم ايف کي راضي ڪيو وڃي ته هو زراعتي مد ۾ اهو نئون بار نه وجهي. خاص طور تي جڏهن ايندڙ مالي سال پهرين جولاءِ 2025 کان زرعي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ٿي رهيو آهي. زرعي آمدني تي ٽيڪس سبب فوري طور تي صوبن کي 40 کان 50 ارب روپين جي وصولي جي اميد آهي پر هن وقت ڪوبه حتمي فيصلو وقت کان اڳ هوندو. اعليٰ سرڪاري ذريعن نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف جي خواهش پوري ٿئي ٿي ته ڀاڻ تي ايف اي ڊي کي 5 کان 10 سيڪڙو وڌائڻ ۽ زرعي دوائن تي 5 سيڪڙو نئين ايف اي ڊي لاڳو ڪرڻ سان آبادگارن جي کيسن مان 30 کان 40 ارب روپيه نڪري سگهن ٿا.