آرمي چيف اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو پوري پاڪستان ۾ ڪير به نه ڪري سگهيو: فيصل واوڊا

سينيٽر فيصل واوڊا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته آرمي چيف اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو پوري پاڪستان ۾ ڪير به نه ڪري سگهيو. هن چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي قابليت اها آهي ته نه عالمي معاهدو، نه ڪو انٽرنيشنل پليٽ فارم انهي جي باوجود آرمي چيف اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو سموري پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪوبه نه ڪري سگهيو. فيصل واوڊا پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته آرمي چيف نه صرف انڊين ويب سائٽس کي پهرين مرحلي ۾ بلاڪ ڪيو، پر پنهنجو اصل حساب پورو ڪندي جيڪو انڊيا اسان جي ميڊيا سان ڪيو هو، وياج سميت انڊين ميڊيا کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي انٽرنيشنل پليٽ فارمز تي انڊين چينلز ۽ يو آر ايل ايس کي به بلاڪ ڪرائي ڇڏيو. پاڪستاني سمورا چينلز، اينڪرز، رپورٽر ۽ ٻين جيڪا پاڪستان جي ذميواري سان خدمت ڪئي، انهي موقعي تي چيف کي احساس هو ته جيڪي سمورا چينلز خواهش ظاهر ڪري رهيا هئا انهي جو ڀرپور جواب ڏنو. هن بند ٿيل انڊين چينلز جي لسٽ به ڏني هن چيو ته پاڪستان انڊيا جو هر موقعي تي سر جو جواب پٿر سان ڏيندو هر محاذ تي وياج سميت وصول ڪندو.