آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان بحرين جي ڪمانڊر نيشنل گارڊ ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب بحرين جي نيشڻل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منيرسان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي سيڪيورٽي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، ٻطرفي عسڪري تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي موقعي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات جي دوران آرمي چيف گڏيل سيڪيورٽي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ به تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب بحرين جي ڪمانڊر هٿياربند فوج جي پيشه وارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف هٿياربند فوج جي ڪوششن جي تعريف پڻ ڪئي.