آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سعودي سرمائيڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز جي ملاقات

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سعودي عرب جي سرمائيڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح وفد سان گڏ ملاقات ڪئي آهي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ سعودي سرمائيڪاري واري وزير وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته انهي دوران مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضٻوط بنائڻ جي قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سعودي بادشاهه شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان جي لاءِ اڻکٽ حمايت تي ٿورو پڻ ادا ڪيو.آرمي چيف وفد کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو ۽ ٻنهي ملڪن کي حاصل ٿيندڙ نتيجن جي باري ۾ اميد پڻ ظاهر ڪئي.جنرل عاصم منير چيو ته وڏي واپاري وفد جو پاڪستان جو دورو، سعودي پائيدار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي تصديق ڪري ٿو، پاڪستاني عوام سعودي عرب جي لاءِ گهري عزت ۽ محبت رکي ٿي.