اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جو قومي سلامتي سان گڏ معاشي استحڪام ۾ به اهم ڪردار آهي، هن ملڪ کي عظيم بنائڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌندا رهنداسين. هن چيو ته اسان حڪومت سنڀالي ته ملڪ کي ڪيترائي چيلنجز پيش هئا، ڪجهه عناصر سياسي مفاد جي لاءِ ملڪي مفادن کي داءُ تي لڳايو، عوام کي خبر آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام روڪرائڻ جي لاءِ خط لکيا ويا، مشڪل وقت ۾ وزيراعظم شهباز شريف سياست نه پر رياست جو نعرو لڳايو. عطاءُالله تارڙ چيو ته اسان رياستي مفاد کي اوليت ڏيندا آهيون، سياسي نقصان کي نه. پاڪستان سان ئي اسان جو وجود ۽ عهدا آهن، ميان نوازشريف جي اڳواڻي ۾ وزيراعظم ملڪي خدمت جو ٻيڙو کنيو، جنهن کان پوءِ روزاني جي محنت سان مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم بجلي سستي ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو، گهريلو صارفين لاءِ بجلي 7 روپيه 41 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي، عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ سخت محنت جي بدولت ڪاميابي ملي، عوام کي رليف لاءِ نعرن جي بجاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جو معاشي ميدان ۾ ڪارڪردگي جو اعتراف ٿي رهيو آهي، بجلي سستي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي، اسٽاڪ مارڪيٽ بلدين تي پهچي وئي آهي، سمورا معاشي اشارا ٻڌائين ٿا ته پاڪستان ۾ بهتري اچي چڪي آهي، هن چيو ته اڙان پاڪستان جي تحت ملڪ انشاءَالله معاشي بلندين تي پهچندو. صنعتي صارفين لاءِ به 7 روپيه 69 پئسا في يونٽ بجلي سستي ڪئي وئي آهي، سستي بجلي سان معاشي سرگرميون وڌنديون ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان 12 سيڪڙو تي اچي ويو آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته معاشي ڪاميابين جي بدولت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، عوام جي خدمت اسان جي سياست جو اولين فرض آهي، ٽيم ورڪ جي بدولت ڪاميابين جو سلسلو اڳيان وڌي رهيو آهي.