آزاد ڪشمير: مسافر ڪوسٽر اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، 5 مسافر اجل جو شڪار

 آزاد ڪشمير جي ضلعي حويلي ۾ مسافر ڪوسٽر اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب فارورڊ ڪهوٽه مان راولپنڊي ويندي ڪوسٽر کي محمود گلي ۾ روڊ تي برف ۽  سيءَ ۾ واڌ هجڻ سبب حادثو پيش آيو جنهن دوران ڪوسٽر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري  سوين فٽ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي. مقامي ماڻهن ۽ امدادي ڪارڪنن لاشن ۽ زخمين کي ڪڍي ويجهي آرمي اسپتال ۽ ايم ڊي ايس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڪوسٽر جي کاهي ۾ ڪرڻ جي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته برفباري سبب روڊ تي   ترڪڻ  جي ڪري ڊرائيور ڪوسٽر تي ڪنٽرول نه رکي سگهيو. ٻئي طرف وادي ليپه ڪرناهه ۾ شابرات کاتي برف ۾ ڦاٿل ٻن گاڏين جي مسافرن کي ريسڪيو ڪري حفاظت سان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. علائقي ۾ مقرر هٿياربند فوج جي دستن به ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو.