تفصيلن موجب آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ عام زندگي مڪمل طور تي مفلوج ٿي وئي آهي، جڏهن ته مظفرآباد ۾ بادل ڦاٽڻ (ڪلاوڊ برسٽ) سان وڏي تباهي آئي آهي. گوهر آباد ۾ ڪيترن ئي گهرن ۽ ملڪيتن کي نقصان رسيو، رستا ۽ گهٽيون پاڻي هيٺ اچي ويون، جڏهن ته ڪيترائي ڍور سيلابي وهڪري ۾ وهي ويا. شاهراهِ ليپه به لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ٿي وئي آهي اسٽيٽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (SDMA) جي ڊائريڪٽر آپريشنز سعيد قريشي موجب رات ڀر جي برسات ۽ خاص طور تي صبح 3:45 وڳي بادل ڦاٽڻ کان پوءِ گوهر آباد واري نالي ۾ اوچتو پاڻي جي سطح وڌي وئي، جنهن سان ويجها رهائشي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. ڳرا ملبا اچڻ سبب چار لنڪ روڊ مڪمل طور بند ٿي ويا آزاد جمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق جي هدايت تي مظفرآباد جي ڊويزنل ڪمشنر چوڌري گفتار حسين ۽ ڊي آءِ جي پوليس ياسين قريشي متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. ڪمشنر انتظاميا کي هدايت ڪئي ته نقصان جو تخمينو ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن متاثرن کي بروقت معاوضو ۽ بحالي جون سهولتون مهيا ڪري سگهجن هن رهواسين کي خاطري ڏياريندي چيو ته حڪومت کين اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي، ڪمشنر شهرين کي خاص طور انهن کي، جيڪي نالن ۽ ندي جي ڪناري رهن ٿا، خبردار ڪيو ته هو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي وڃن ٻئي طرف، گلگت بلتستان ۾ به تيز برساتن سبب ٻوڏ ۽ زمين وهي وڃڻ (لينڊ سلائيڊنگ) واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. چلاس، هنزه ۽ ديامير سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ شاهراهه قراقرم، ڳنڍيندڙ رستا ۽ پل بند ٿي ويا آهن. ڪيترائي گهر، زرعي زمينون ۽ باغ به متاثر ٿيا آهن. هنزه ۾ حسين آباد نالي ۾ طغياني آئي آهي، جڏهن ته ديامير ۾ واٽر چينلن ۽ بجلي جي فراهمي تي به سخت اثر پيو آهي.