مظفرآباد: 9 جون تي اعلانيل هڙتال ۽ لانگ مارچ جي سڏ کان پوءِ آزاد ڪشمير حڪومت سڄي علائقي ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. حڪومتي اعلان موجب اهي سروسون 12 جون تائين معطل رهنديون، جڏهن ته سياحن ۽ ٻين مسافرن کي 20 جون تائين آزاد ڪشمير جو سفر ملتوي ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.احتجاجي تحريڪ کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد پوليس جي 1500 کان وڌيڪ آفيسرن ۽ اهلڪارن تي ٻڌل فورس آزاد ڪشمير موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ترجمان شوڪت جاويد مير چيو آهي ته حڪومت ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيندي.سندس چوڻ هو ته احتجاجي ڪميٽي جا 38 مان 35 مطالبا اڳ ئي مڃيا ويا آهن، تنهن هوندي به احتجاج تي اصرار عوامي مفاد بدران سياسي ضد نظر اچي ٿو.
ئي طرف حڪومت جمون ۽ ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي کي انسداد دهشتگردي ايڪٽ 2014 تحت ڪالعدم تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گهرو کاتي پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب تنظيم کي فرسٽ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ الزام هنيو ويو آهي ته اها امن امان کي نقصان پهچائڻ ۽ رياست ۾ انتشار پيدا ڪرڻ ۾ ملوث رهي آهي.نوٽيفڪيشن مطابق تنظيم تي ماڻهن ۾ خوف ۽ بيچيني پيدا ڪرڻ، عدم تحفظ جو احساس وڌائڻ ۽ نفرت کي هٿي ڏيڻ جا الزام آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪالعدم قرار ڏنل تنظيم خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي