آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ ختم، حڪومت ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي ۾ معاهدو ٿي ويو

مظفر آباد ۾ ڪيترن ڏينهن کان جاري ڇڪتاڻ آخرڪار ختم ٿي وئي، جڏهن حڪومت ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. ٻنهي ڌرين معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ معاهدي جو اعلان ڪيو ويو.وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي جا سمورا جائز مطالبا تسليم ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته هاڻ هڪ ليگل ايڪشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا هر 15 ڏينهن کانپوءِ گڏجاڻي ڪندي ته جيئن مسئلا مستقل بنيادن تي حل ٿين.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته ڪجهه عناصر حالتون بگاڙڻ چاهين پيا پر انهن جا منصوبا ناڪام ٿي ويا. “ڪشمير ۾ امن قائم رکڻ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، هاڻ ڪنهن کي به روڊن تي اچڻ جي ضرورت ناهي، مسئلا ڳالهين ۽ ڪميٽي ذريعي حل ڪيا ويندا.”وفاقي وزير احسن اقبال معاهدي کي پاڪستان، آزاد ڪشمير ۽ جمهوريت جي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته حڪومت تڪرار بدران ڳالهين ۽ انا بدران اتحاد کي ترجيح ڏني، جنهن سان بحران پرامن طريقي سان ختم ٿيو.طارق فضل چوڌري سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي ٻڌايو ته “جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان معاهدو ٿي چڪو آهي، مظاهرين گهرن ڏانهن واپسوڃي رهيا آهن ۽ سمورا روڊ کوليا ويا آهن.”معاهدي جا اهم نقطا سامهون اچي ويا آهن:پرتشدد واقعن ۾ فوت ٿيندڙن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿيندا. فوت ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ڏنو ويندو. زخمين کي في ماڻهو 10 لک روپيه امداد ڏني ويندي. شهيدن جي خاندان مان هڪ شخص کي 20 ڏينهن اندر سرڪاري نوڪري ڏني ويندي. مظفرآباد ۽ پونچ ڊويزن ۾ ٻه اضافي سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ٺاهيا ويندا، جيڪي فيڊرل بورڊ سان لاڳاپيل هوندا. آزاد ڪشمير حڪومت 15 ڏينهن اندر هيلٿ ڪارڊ لاءِ فنڊ جاري ڪندي. وفاقي حڪومت بجلي جي ورهاست واري نظام جي بهتري لاءِ 10 ارب روپيه فراهم ڪندي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ راڻا ثناءُالله، احسن اقبال، طارق فضل چوڌري، امير مقام، سردار يوسف، راجا پرويز اشرف ۽ قمرالزمان ڪائره تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي هئي.