آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي نيب لاهور پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.ذريعن موجب عثمان بزدار 14 ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود نيب لاهور ۾ پيش نه ٿيو. اڳوڻي وڏي وزير جي وڪيل استدعا ڪئي ته عثمان بزدار اڄ به پيش نٿو ٿي سگهي. نيب عثمان بزدار جي وڪيل جي استدعا رد ڪري ڇڏي ۽ وڪيل کان جواب وصول ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.عثمان بزدار جي پيش نه ٿيڻ تي نيب اختيارين پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي گرفتاري لاءِ قومي احتساب بيورو جي چيئرمين کي گرفتاري جاري ڪرڻ لاءِ استدعا ڪري ڇڏي. نئين آرڊيننس جي تحت عثمان بزدار کي انڪوائري دوران به گرفتار ڪري سگهجي ٿو.نيب ذريعن ٻڌايو آهي ته عثمان بزدار تي نئون آرڊيننس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته عثمان بزدار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن، مقررين، بدلين، ٺيڪن ۾ بي ضابطگين جو ڪيس هلي رهيو آهي. عثمان بزدار سميت سندس خاندان تي 9 ارب کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو ڪيس جاچ هيٺ آهي.