پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان کي گهڻو وقت اڳ ملڪ ڇڏڻ يا 2 سالن جي لاءِ خاموش رهڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي. لاهور جي احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان چيو ته آمريڪي وفد پنهنجي مرضي سان پاڪستان اچي رهيو آهي، اسان کي انهي جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي، اسين ته اهي ڳالهيون ڪندا آهيون جيڪي پي ٽي آءِ باني اسان کي ٻڌائيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 3 هفتا ٿي ويا آهن عمران خان سان اسان جي ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي، اوهان کيس قيد ۾ رکي ڪهڙي شيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهيو، اڄ جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته اسان اتي ڌرڻو هڻنداسين.